اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي مبارڪباد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري ل??ٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سم??ري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري ل??ٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پاڪست??ن کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي ??وهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو نالو گري ل??ٽ مان نڪري ويندو، گري ل??ٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪست??ن کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري ل??ٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.