اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، يوم تڪبير پاڪستاني قوم لا??ِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئي پاڪستان جي تاريخ ج?? هڪ ناقابل فراموش ??ينهن آهي، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان دشمن ملڪ ڀارت جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿي?? جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي، سڄي قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، تڪبير جو ڏهاڙو پاڪستاني قوم لا??ِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪري مسلمان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجهتي ايٽمي سياستدانن ۽ پاڪ فوج جي واکا?? جوڳين خدمتن جي ڪري پاڪستان کي هڪ ايٽمي طاقت بڻج?? جو اعزاز حاصل ٿيو، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لا??ِ قومي قيادت جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.