نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل ق??من جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل سان ئي ممڪن ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله شاهد سان مالقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير دنيا کي درپيش پراڻي ۽ نئين چئلينجن جي حل جي لاءِ جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪو??شن کي ساراهيو. ??ن چيو ته پاڪستان جيڪو جي 77 جي صدارت ڪري رهيو آهي، جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنرل اسيمبلي ۾ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ محنت ڪم ڪيو ??هي. ??ن چيو ته پاڪستان ۽ جي 77 عالمي غذائي بحران، ڪوويڊ ويڪسين جي برابر ورڇ، ان وبا مان نڪرڻ جي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي، ماحوليات جي حوالي سان مالي معاونت جي فراهمي ۽ اسرندر ملڪن ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر جي لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اميد رکن ٿا. گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي عمل جي اهميت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ان معاملي تي ڪو به فيصلو گڏيل ق??من جي ميمبر ملڪن جي اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي سان گڏجي متفقه پلان جي تياري ۾ تعاون ڪندو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والايرل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم واپس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جنرل اسيمبلي جي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني حدبندين بابت پڻ آگاهه ڪيو جن جو مقصد والاريل علائقي جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ??هي.