مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مس??ما?? امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ?? فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪ??ي. وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائ??ن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪيون وڃن، هن زور ڏنو ته ??سرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وزيراعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن زور ڏنو ته ??المي سطح تي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي سيڪريٽري جنرل قبول ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي او آءِ سي جي باني ميمبر جي طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مس??ما?? امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.