اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف راولپنڊي اسلام آباد جي شهرين سان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. فيض آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کي ميٽرو بس سروس سان ڳنڍيو ويو. شهري نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کان فيض آباد ۽ فيض آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين آساني سان سفر ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??باز شريف راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين سان 7 ڏينهن ۾ پنهنجو ??اعدو پورو ڪري ڏيکاريو. وزيراعظم ش??باز شريف اسلام آباد ميٽرو جو چار سال کان نامڪمل منصوبو 4 ڏينهن ۾ فعال ڪرايو. وزيراعظم ش??باز شريف اسلام آباد ميٽرو جي افتت??ح تي اعلان ڪيو هو ته رمضان المبارڪ ۾ شهري اسلام آباد ميٽرو ۾ مفت سفر ڪندا.