اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عر?? جي ولي ع??د نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو ??نڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مبارڪباد تي ولي ع??د جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي ع??د شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عر?? جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عر?? جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي ع??د کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي ع??د سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي ع??د وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سعودي عر?? جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ ولي ع??د لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.