اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪست??ن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آ??ي، ته ڊپٽي اسپيڪر ??ي رولنگ لاءِ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي اعليٰ عدالت ۾ آئين ۽ قان??ن موجب دليل ڏيندس. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڄاڻايل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. بابر اعواڻ چيو ته ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ رستو تجويز هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي وڪيلن دليل ڏيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳايا آهن، اسان گهٽ وقت لڳائينداسين، اسان جا دليل آئين ۽ قان??ن موجب هوندا. هن چيو ته اڃا آرٽيڪل 63 (اي) جي تشريح جي حوالي سان به فيصلو اچڻو باقي آهي.