بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ??يڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهو??تو?? فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين، چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي ??روپ، چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ، چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن، بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گروپ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني ??يڙپڪارن وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ڪمپني ??وانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪميونيڪشن ۽ انجنيئرنگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. ايسٽ سي ??روپ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪمپني ??هي. چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ انجنيئرنگ، ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿو. چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني ??ي تعميرات جو ٺيڪيدار گروپ آهي. بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي ڪاروباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچسپي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ??يڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهو??تو?? فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.