اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادث?? جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سان مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثري?? جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هي???? جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خان??ان کي تعزيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين دل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادثي ۾ نوان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. انهن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آه?? جيڪي پيدائش کان اڳ ئي يتيم ٿي ??ڪا آهن.