اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مشڪل حالتن جي باوجود حڪومت ڪو نئون ٽيڪس نه لڳائ?? جو فيصلو ڪيو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪ??روباري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، ??مپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، ??عميرات جي شعبي جي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي.