اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي ??حت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي ??رابر) جي ??دائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي?? اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرام جي ??هم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ ??هيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي?? اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي ??دارت ۾ منعقد ٿيو.