اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي صورتحال تي پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ وڊيو ڪانفرنس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ وڊيو لنڪ ذر??عي وزيراعظم عمران خان، پاڪستان پيلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) پاران خو??جه محمد آصف شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، قومي اسيمبلي ميمبر شاهده اختر علي، وزيراعظم جي خاص مد??گار ڊاڪٽر ظفر مرزا، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سميت ٻين پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ??رڪ??ري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.