اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خطي جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿو جيڪو پنهنجي شهرين جي حوالي س??ن ان کي آهي، سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي، ??ن اداري جي حقيقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي س??هي.