اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت ??هر??ن عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ا??ڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل م??زب??ني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خ??ن کي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.