اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ برون??ئي دارالسلام جي لاڳاپن کي ڀائراڻا ۽ تعاون تي ٻڌل قرار ڏيندي ڀائر ملڪ کي فوجي تربيت جي شعبي ۾ تعاون جي آڇ ۽ امن مشقن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. هو رائل برون??ئي آرمڊ فورسز جي ڪمانڊر ميجر جنرل پينگرين داتوپڊاڪوبن پينگرين حاجي محمد سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي.