ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي جاين جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعم??لي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم جاين ۽ فورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو عمل لاڳاپيل فو??م جو مدو ختم ٿيڻ يا ميمبر جي رٽائرمينٽ ک??ن اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهم نوعيت جي سمورن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقيو اردو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن ۽ وفاقي تعليم ۽ پيسيواراڻي تربيت و??ري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تعليمي ادارو آهي ۽ ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اد??ري جي انتظامي ۽ تعليمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت و??ري وفاقي وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ نامزدگين جي عمل کي تيزي س??ن اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تعليمي ۽ انتظامي عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميو??ري جو تعين ڪري. ايڇ اي اي چيئرمين اجلاس کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن اتفاق ڪيو ته سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سميت سمورن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.