اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته ضيآءَ محي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پن??نجي تعزيتي بيان ۾ هن چي?? ته ضيآءَ محي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نال?? روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاق?? وزير چي?? ته پن??نجي خوبصورت آ??از ۾ اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضياءَ محي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ محي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.