ابوظهبي – 12 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي د??ري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي ??ڏيل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪن??و، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪن??ا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪن??و. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪن??و.