اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي پي ايس سانحي قوم کي دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ تيار ڪيو، پوري قوم دهشتگردي جي باقيات کي حتمي طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي پي ايس سانحي ??ي شهيدن جي اٺين ورسيءَ تي پنه??جي پيغام ۾ چيو ته شرپسند عنصرن معصوم ٻارڙن تي حملو ڪيو، شهيد ڪري انسانيت سوز ظلم ڪيو، اي پي ايس سانحي قوم کي دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ تيار ڪيو. هن چيو ته 8 سال گذري وڃڻ جي باوجود ان دل ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد اڄ به اسان جي دلين ۾ تازي آهي، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي باقيات کي حتمي طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏ آهي، دهشتگردي جي ڪا ڪوشش دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي دهشتگردي جي خلاف پنه??جي قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي پڻ ياد ڏياري ٿو، هي ڏينهن عالمي برادري جي لاءِ به يادگيري آهي ته دهشتگردي اسان سڀني جو گڏيل مسئلو آهي ۽ اسان کي گڏجي دنيا ??ان ان جو خاتمو ڪرڻ جي پنه??جي ڪوشش وڌيڪ تيز ڪرڻي پوندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري.