اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز ش??يف چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز ش??يف چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي و??ير??عظم چيو ته چين جي اڳوڻي صدر کي سدائين هڪ عظيم اڳواڻ طور ياد رکيو ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم ۽ آفاقي ??يث??ت رکندڙ آهي.