لاهور -21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص نمائندي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي، ته لانگ مارچ ۽ جٿا بندي سان حڪومتون نٿيون ڪيرائي سگهجن، ارشد شريف جي قاتلن کي ڳوليو وڃي، بنا شاهدين ۽ ثبوتن جي الزام تراشي مناسب ناهي. توشه خانه مان اسان نيڪنامي ناهي ڪمائي، دشم?? سازشن ۾ مصروف آهي، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جامع منظور الاسلاميه ۾ استحڪام پا??ست??ن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. خاص نمائندي چيو ته پا??ست??ن جو استحڪام داخلي ۽ سياسي استحڪام سان واڳيل آهي، پا??ست??ن جي مذهبي قوتن پيغام پا??ست??ن ڏئي سڄي دنيا آڏو هڪ اهڙو ميثاق رکيو آهي، جنه?? سان اوڀر ۽ اولهه جا ملڪ رهنمائي وٺي رهيا آهن. چيو ويندو هو ته پا??ست??ن جو مذهبي طبقو پاڻ ۾ متفق ناهي، پر حقيقت اها آهي ته پا??ست??ن جو مذهبي طبقو گڏيل رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ پيغام پا??ست???? سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ رهنمائي وٺي رهيا آهن. طاهر محمود اشرفي چيو ته ملڪ ۾ ميثاق پا??ست??ن جي ضرورت آهي، عدل جي نظام جي اصلاح چونڊ سڌارن ۽ وڌندڙ تشدد جي خاتمي جو سوچيو وڃي. هن چيو ته پا??ست??ن جي حساس ادارن خلاف پروپئگنڊه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پا??ست??ني قوم جي ريڊ لائين انهن ??و دين، وطن ۽ ان جي سلامتي وارا ادارا آهن، نائن اليون بعد اسان ايئن گڏ نه پئي ويهي سگهياسين. اسان جون بازارون، مسجدون، امام بارگاهون ۽ گرجا گهر ويران ٿي ويا هئا. قوم ۽ پاڪ فوج جي قرباني?? سان دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي به ڪا حد هوندي آهي، بنا ڪنهن حدبندي جي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو نقصان ملڪ کي پهچي رهيو آهي. پا??ست??ن ۾ داخلي استحڪام سان 25 کان 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ارشد شريف جي قاتلن جي ڳولا ڪرڻ اسان سڀ??ي جي ذميواري آهي، سڀئي ڄاڻن ٿا ته را جو ڀارت بعد سڀ کان منظم نيٽ ورڪ ڪينيا ۾ آهي