شرم الشيخ / اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جا منتظر آهيون، ٻوڏ جي تباهي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل ۽ دستياب وسيلن ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي جڏهن ته پاڪستان ??وسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ملڪ آهي، عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي ۽ بحالي جي ??دم?? کي ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ته جيئن بري طرح متاثر آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي بابت اداري جي اهتمام هيٺ ”عملدرآمد جي لاءِ سڀ هڪ“ جي موضوع تي منعقد تقريب کي پاڪستان جي قومي بيانيي جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ ٺوس پاليسيز جي عالمي سطح تي ضرورت آهي، ڪاربن جي اخراج ۾ مسلسل اضافو اسان جي بحالي جي ??دم?? کان تيز تر آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن جو ڌيان ڇڪرائيندي ان ??قين جو اظهار ڪيو ته توهان سڀ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت آگاهه هوندا. جنهن سان 33 ملين ??اڻ??و متاثر ٿيا آهن جيڪي ٽن يورپي ملڪن جي آبادي جي برابر آهن، متاثرين ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ اڌ کان ??ڌيڪ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏکڻ ۾ معمول جي برساتن جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا برساتون وڌيڪ ٿيون آهن، اسان جا گليشيئرز تيزي سان ??گهري رهيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ 8 هزار ڪلوميٽر کان ??ڌيڪ پڪا رستا لڙُهي ويا جڏهن ته 3 هزار ڪلوميٽر کان ??ڌيڪ ريلوي ٽريڪس کي نقصان ??هتو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ 4 ملين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل ٻوڏ سان تباهه ٿي ويون. هن چيو ته ٻوڏ سان ??لڪ جي چئني پاسي تمام گهڻو نقصان ??يو آهي، ٻوڏ سان ??يندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاربن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو انتهائي معمولي حصو هجڻ جي باوجود اسان اهڙن نقصانن ۾ ورتل آهيون، اسان اهڙن عملن ۽ انسان جي پيدا ڪيل انهن بحرانن کان ??تاثر ٿي رهيا آهيون جن ۾ اسان جو ڪردار نه هجڻ جي برابر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون ترجيحون سدائين واضح رهيون آهن سڀ کان اڳ عالمي سطح تي هدفن جون ترجيحون طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي لاءِ فنانسنگ ۽ نظام الاوقات جي هدفن جو تعين ضروري آهي، اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرڻ جا منتظر آهيون، ٻوڏ جي تباهين تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل ۽ دستياب وسيلن ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي جڏهن ته پاڪستان ??وسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ملڪ آهي. هن چيو ته عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي ۽ بحالي جي ??دم?? کي ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ته جيئن بري طرح متاثر آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، پبلڪ فنانسنگ ۽ قرضن جي مشڪلاتن جي ڪري ماحولياتي تبديلين کان ??تاثر ٿيندڙ ملڪن بشمول پاڪستان کي پنهنجي وسيلن سان بحالي جي ??دم?? ۾ مشڪلاتون درپيش آهن ۽ ٽئين نمبر تي ڪلائميٽ فنانس جي تشريح جي ضرورت آهي ته جيئن شفاف طريقي سان ??احولياتي تبديلي جي ازالي لاءِ گهربل ۽ اضافي وسيلن جي دستيابي يقيني بڻائي سگهجي جنهن سان اسرندڙ ۽ متاثر ملڪن ۾ بحالي جي سرگرمين ۾ تيزي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان کي واضح طور تي ماحولياتي تبديلي جي نقصانن ۽ ان حوالي سان ترقياتي فنڊز جو تعين ڪرڻ گهرجي. ماضي ۾ ان تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان ان تي بحث ڪري رهيا آهيون پر بنيادي هدفن تي متفق نه ٿي سگهياسين. 2009ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ منعقد ڪوپ – 15 ۾ سال 2020ع تائين اربين ڊالرن جي وسيلن جي فراهمي جا واعدا اڃا تائين وفا ناهن ٿي سگهيا، انهن ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن جي ڏس ۾ فنڊز جي فراهمي ۾ اضافو به ضروري آهي. وزيراعظم عالمي برادري کي متوجهه ڪيو ته گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس اسان جي چوٿين ترجيح هجڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي سربراهي ۾ ان حوالي سان ??دم لازمي آهن. ان حوالي سان ??احولياتي فنانسنگ جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تيز تر فراهمي جي لاءِ ??دم?? کي يقيني بڻايو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي متاثرين ۽ انهن جي بحالي جي هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي ته جيئن بار کي گڏيل طور تي برداشت ڪرڻ جي فارمولي تحت عملي قدم کڻي سگهجن ته جيئن گڏيل ذميوارين جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان سڀني کي پيرس معاهدي تي عملدرآمد جا قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان 2030ع تائين جي لاءِ مقرر هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن. اسان ??نهنجي ذميوارين کان ??وري طرح آگاهه آهيون ۽ اسان ڪاربن جي اخراج جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٽيڪنالاجيز، فنانسنگ ۽ صلاحيت ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي تبديلي تي ضابطو آڻي سگهجي. اتر ۽ ڏکڻ ۾ موجود ان ??رق کي ختم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي حوالي سان ??نهنجي معلومات توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيان ??و. ٻوڏ سان ??اڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي، اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، پام آئل ۽ مهانگي تيل ۽ گئس جي درآمد تي اٽڪل 30 کان 32 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيا آهيون. اهڙي طرح اسان ??نهنجي دستياب وسيلن سان ??کين متاثر خاندانن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 316 ملين ڊالر سان ??ر خاندان کي 113 ڊالر جي ادائيگي ڪري رهيا آهيون. جنهن سان ??وڏ کان ??تاثر علائقن ۾ 300 ملين جي لڳ ڀڳ خاندانن جي مدد ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سردي اچي رهي آهي لکين متاثرين جي لاءِ شيلٽرز، گهرن، علاج ۽ فوڊ پئڪيج جي ضرورت آهي، ملڪ جي مختلف صوبن ۾ اربين رپيا پنهنجي وسيلن سان خرچ ڪري رهيا آهيون. هن تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته تصور ڪريو ته هڪ طرف اسان کي عام ??اڻ??و جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي جنهن تي اربين ڊالر جا خرچ ڪيا پيا وڃن ٻئي طرف اسان کي ٻوڏ متاثرين کي وڌيڪ مشڪلاتن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اربين ڊالر جي ضرورت آهي، عالمي برادري اسان ??ان ڪيئن اميد رکي ٿي ته اسان ??نهنجي محدود وسيلن سان ??احولياتي تبديلي کان ??تاثر ڪروڙين ??اڻ??ن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي بحالي جا قدم کڻي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ??شڪل جي انهن لمحن ۾ مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون جنهن عطيا، خوراڪ، خيمن ۽ دوائن وغيره جي ذريعي اسان جي مدد ڪئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هي ڪانفرنس نه رڳو ان ??اضح پيغام کي سمجهندي پر مسئلن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪردار رکندڙ ادارن تائين به اسان جو آواز عالمي برادري تائين پهچائيندي. هن چيو ته اسان جي لاءِ هاڻي يا ڪڏهن به نه جي صورتحال آهي. عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي مسئلن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.