اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي موسم اچي چڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدا??ت هن اين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائ?? عملدارن بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي موسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبا??گا??ن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هو پنهنجا فصل ٻيهر تيار ??ري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ??رڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.