اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي مدد سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل ماڻهن ۽ آبادين لاءِ هنگامي انساني ??مد??د جي فضائي ترسيل جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان ??مد??د ۾ زندگي گذارڻ لاءِ ضروري وسيلن سميت خوراڪ جي تياري ۽ مٿو لڪائڻ لاءِ 20 لک ڊالر ماليت جو سامان شامل آهي ۽ ان جي ترسيل جو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ جي 20 مختلف علائقن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، واضح رهي ته 2 سيپٽمبر تي يو ايس ايڊ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽرمينيجمينٽ ريسپانس ٽيم (ڊي اي آر ٽي) جوڙي هئي جنهن جو مقصد آمريڪي حڪومت طرفان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فراهم ڪيل مدد جي ر??منائي هو، جنهن لاءِ آمريڪي فوج به تعاون ڪري ر??ي آهي، ياد رهي ته هنگامي انساني ??مد??د جي فضائي ترسيلات سميت آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فراهم ڪيل مجموعي ??مد??د ٽي ڪروڙ 10 لک ڊالر آهي، آمريڪا کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن تي ڏک آهي، اسان جي ??مد??دي عطين ۾ هنگامي بنيادن تي گهربل خوراڪ، کاڌي جون شيون، مختلف مقصدن لاءِ گهربل روڪ رقم، پيئڻ جو صاف پاڻي، بهتر صفائي ۽ سٿرائي جي س??مان ۽ مٿو لڪائڻ جي شين کي ترجيح ڏني پئي وڃي، اها ??مد??د انساني زندگيون بچائڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور متاثر آبادين جي مشڪلاتن کي ??هٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي، آمريڪا مقامي حصيدارن ۽ پاڪستاني عملدارن سان گڏجي بحران جي نگراني جاري رکندو، پاڪستان جي عوام لاءِ آمريڪي حمايت اڻٽر آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي ??مد??د ۽ رسد پاڪستان لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري امريڪي ??مد??د جو تسلسل آهي جنهن ۾ قدرتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي ??هٽ ڪرڻ جي تياري ۾ مدد لاءِ ترتيب ڏنل پروگرام به شامل آهن، جنهن ۾ مقامي آبادين ۽ سرڪاري اهلڪارن کي امڪاني آفتن بابت شروعاتي آگ??هي ۽ منهن لاءِ صلاحيتن ۾ اضافي س??ن گڏوگڏ خوراڪ، معاشي تحفظ جي بهتري لاءِ روزگار جي وسيلن جي بحالي شامل آهي، هلندڙ سال ٻوڏ کان اڳ فراهم ڪيل 30 لک ڊالرن جي مدد به انهي سلسلي جو حصو آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ آمريڪا جي مدد سان نوان تعمير ٿيندڙ اسڪول تازو تباهي س??ب متاثر برادرين لاءِ پناهگاهن طور مددگار بڻجي ر??يا آهن.