راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه خميس ڏينهن ڊي آءِ خان ۽ روج??ان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، آرم?? چيف متاثرن کي خاطري ڪرائي ته مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مدد ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر مطابق روج??ان دوري جي موقعي تي آرم?? چيف پاڪ فوج جي زميني جٿن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجون ذميواريون عظيم مقصد سمجهي ادا ڪن ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. بعد ۾ آرم?? چيف ڊي آءِ خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي آرم?? چيف کين تسلي ڏني ۽ هن قدرتي آفت دوران مقامي رهائيشن جي همت جي تعريف ڪئي. آرم?? چيف، ايف سي ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي جٿن کي هدايتون ڪيون ته هو ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ خيبرپختونخواهه جي بهادر ماڻهن جي وقت سر مدد کي يقيني بنائين.