اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ جي لاءِ هنرمند انساني وسيلن جي انگ ۾ تيزي سان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي اد??را شا??ردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شا??ردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته شا??رد بهتر فيصلاسازي جي لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪن، شا??رد پنهنجي لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شا??رد ماضي جي تجربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان دستياب علم مان فائدو کڻن. هن چيو ته نوجوانن کي غلط معلومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شا??رد رسول الله ﷺ جي سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻهن جي تجربن جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شا??ردن جي ڪردار کي خاص اهميت ڏيندو ه??، بطور صدر پاڪستان عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ قومي اهميت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ هنرمند انساني وسيلا قومن جي پائيدار ۽ تيز رفتار ترقي جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وسيلن جي غيرموجودگي ۾ قدرتي وسيلن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چيو ته تعليمي اد??را شا??رد ۽ علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن، تعليمي اد??را قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قابل ۽ هنرمند پيشيواراڻي ماڻهن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائين.