اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت پاران ياسين ملڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آهي، ??شعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارلي??مي??ٽ پاران ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، ??ذمتي قرارداد ۾ ڀارتي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرجن جي منافي قرار ڏنو ويو آهي، ??ارليامنيٽ ۽ عوام سدائين ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، ڀارتي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين ملڪ ۽ ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، راجا پرويز اشرف چيو ته ياسين ملڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀارت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ??اسين ملڪ قيد جون صعوبتون بردا??ت ڪري حق ۽ سچ جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??اڪستان جي پارلي??مي??ٽ پاران ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ??اڪستاني ۽ ڪشميري عوام ۾ رت جو رشتو آهي ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، جهڙي طرح هر رات کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، اهڙي طرح والاريل ڪشمير وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو دورو ادا ڪندي چيو ته ڀارت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو دٻايو ويو آهي، ??ودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آهي، ??يسلن منڊيلا جي فيملي کي ان سان ملڻ جي اجازت هئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آهي، ??ن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پاڪستان جي پارلي??مي??ٽ ياسين ملڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لاءِ پارلي??مي??ٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، ??نهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀارت ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.