انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود ه??ا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. تر?? ۽ ??اڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. تر?? ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزار?? ۽ ??اڪستان جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزار?? ۽ ??اڪستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزار?? ۽ ??ئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.