انقره – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو. انقره ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪ دفاع واري وزير ۽ اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ وارو وزير چوڌري سا??ڪ حسين، خاص معاون طارق فاطمي ۽ فهد حسين پڻ وزيراعظم سا?? گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪيءَ جو هي پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ترڪيءَ پهچندو. دوري (31 مئي کان 2 جون 2022ع) دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سا?? نويڪلائي (ون آن ون) ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ صحافين کي گڏيل خطاب پڻ ڪندا. صدر اردوان وزيراعظم جي ما?? ۾ ??جياڻو پڻ ڏيندو. هلندڙ سا?? پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي و?? ۾ ??فارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سا??گرهه پڻ ملهائي پئي وڃي. دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان پڻ جاري ڪندا جيڪو ترڪيءَ پاڪستان جي و?? ۾ ??يرمعمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سا?? تيار ڪيو ويو آهي. ترڪيءَ جا پرڏيهي معاملا، واپار ۽ صحت وارا وزير پڻ دوري دوران وزيراعظم سا?? ملاقات ڪندا. وزيراعظم ترڪيءَ جي ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف شعب?? ۾ ??يڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سا?? پڻ تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪيءَ جي ڪاروباري برادري جي نمائنده تنظيم يونين آف چيمبرز ڪميوڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر ??زيراعظم جي ما?? ۾ ??جياڻو ڏيندو. وزيراعظم پاڪستان ترڪيءَ بزنس ڪائونسل فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن جو اهتمام ترڪ پرڏيهي معاشي لاڳاپا بورڊ (ڊي ??ي آئي ڪي) جي حصيداري سا?? ڪيو ويو آهي. وزيراعظم انهن تقريبن دوران پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ناليواريون پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريب?? ۾ ??رڪت ڪنديون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون پڻ منعقد ٿينديون.