اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائيجيريا ??ي وچ ۾ دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفو تعاون واکاڻ جوڳو آهي، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏين??ن ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري سان نسل پرستي ۽ مسلمان?? جي خلاف تشدد جو خاتمو ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نائيجيريا ??ي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي ميگاشي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ قدرن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي لاڳاپ?? جي مضبوطي کي ساراهيو. آفريقا ۾ م??رچ 2020ع کان نائيجيريا ??ي معيشت جي ٽاپ پوزيشن سنڀالڻ تي واکاڻ ڪندي ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي به ساراهيو. گڏيل قوم?? جي امن مشنز جي اهتمام هيٺ آفريقا ۾ ام?? جي فروغ لاءِ پاڪستا?? جي پراڻي خدمتن ۽ حصيداري کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ”انگيج آفريقا“ جي پنهنجي پاليسي کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد سفارتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ آفريقا کنڊ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي، وزيراعظم گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي مان 15 مارچ تي اسلامو فوبيا ??ي ازالي جي عالمي ڏينه?? جي طور تي ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي متفقه منظوري کي ساراهيندي چيو ته جنرل اسيمبلي پاران ان ازالي کانپوءِ نسل پرستي، امتياز ۽ مسلمان?? جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فر??غ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي نائيجيريا ??ي صدر محمد بخاري سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد کان جلد موقعو ملڻ تي پاڪستان ۾ سندس آجيان ڪندا.