اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? پاڪستان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ??مش??ر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ??مش??ر پنهنجي قيادت پاران پاڪست??ني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ت?? پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ت?? پاڪستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ت?? پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ??اڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ??مش??ر رو العالم صديقي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ??ندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.