اسل??م آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخو??هه جي وڏي وزير محمود خ??ن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخو??هه ۾ بلدياتي چونڊن جي فيز 2 ۽ پارٽي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ک?? صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخو??هه ۾ بلدياتي چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارتي صفن ۾ اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن. هن صوبي ۾ سمورن جاري ترقياتي منصوبن ک?? وقت سر مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن ک?? جلد کان جلد رليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.