راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ??رمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هي??و جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئ??. م??اقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ۾ سهڪار/شراڪت??ار?? تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪر??ار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ ا??ار?? جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي چيف افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ سمورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ڪر??ار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خاص ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪر??ار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.