ڪراچي – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته مل?? ۾ صنعتڪاري کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي اهو ئي سب آهي ته موجوده حڪومت صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪلز PVC-III جي گورنر هائوس ۾ منعقد افتتاحي تقريب ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته حڪومت بنيادي طور تي مل?? ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏنو آهي. عمران خان چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ مل?? جي آبادي به وڌي جنهن جي نتيجي ۾ وسيلن جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، آبادي ۾ اضافي جي ڪري مل?? اهي شيون درآمد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو جيڪي پهرين ڪڏهن درآمد نه ڪيون ويون، موجوده حڪومت مل?? جي زرعي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، بدقسمتي سان گذريل دورن ۾ مل?? جي صنعتي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ روانگي واپار کي فروغ ڏنو وڃي ها ته جهڙي ??رح موجوده حڪومت ان شعبي کي مراعتون ڏنيون آهن ته مل?? کي معاشي بحران جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، موجوده حڪومت جي دور ۾ مل??ي روانگي واپار ۾ زبردست ۽ تاريخي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته حڪومت مل?? ۾ درآمدات جي متبادل تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ درآمدات کي گهٽ ڪرڻ تي به ڀرپورڪم ڪري رهي آهي، ان موقعي تي سنڌ جو گور??ر عمران اسماعيل ، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير اسد عمر، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، صوبائي اسيمبلي ميمبر، مشهور ڪاروباري شخصيتون ۽ اينگرو جا سينئر آفيسر به موجود هئا.