اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص مع??ون محمد شهزاد ارباب، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد يعقوب شيخ ۽ محسن داوڙ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت، واپار، ڪسٽم، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پي آءِ ا?? جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، هو?? ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ واپار جي مع??ملن تي خيان جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ بارڊر مئنيجمينٽ جو ڪرد??ر انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي گذريل ٻن سالن کان پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ اضاف?? جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪرد??ر ادا ڪيو آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو. افغانستان ۾ پائيد??ر امن جو قيام خط?? جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لازمي آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن تائين روانگي واپار ۾ اضافي جا موقعا پيدا ٿيندا. پاڪ افغان واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئ?? جي لاءِ لازم ملوزم آهن، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. پاڪ افغان لاڳاپن ۽ واپار جي حوالي سان مع??ملن تي ايوان ۾ بحث ڪرايو ويندو. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي پاڪ افغان بارڊرز تي ڪنٽينرز جي اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪ افغان بارڊر تي سلو اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير جي ڪري واپارين کي واپاري سامان خراب ٿيڻ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيبرپختونخواهه جي هو?? ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته ڪميت?? جي هدايت تي چيف سيڪريٽري کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بس سروس جي بحالي لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.