اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاناما، پيراڊائيز ۽ هاڻي پينڊورا پيپرز ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته لُٽيل دولت جي مني لانڊرنگ لاءِ هزارين آف شور ڪمپنين کي استعمال ڪيو ويو ا?? ۾ جن 700 ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، انهن کان ضرور ان لاقانونيت جي دولت جي ذريعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لُٽيل رقم واپس آندي وڃي پر ان ٽيڪس چور جي پ??اه??اهه جو ڇا ڪجي؟ هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين اولهه جي ڇانو هيٺ ٽيڪس پ??اه??اهن ۾ لُٽيل دولت لڪائڻ جي هڪ وڏي تاريخ آهي، هن چيو ته اها دولت ستايل يهودين ۽ منهنجي ملڪ سميت ٻين ملڪن مان لُٽي وئي، کربين ڊالر جي ان پيچيده اسڪيم جو ا??داز ۽ طريقيڪار بلڪل ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لُٽ مار جهڙو آهي، صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دولت ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ نظام بهتر ڪري رهيو آهي، فيٽف ان ۾ اسان جي مدد ڪئي، اسان جي دولت وصول ڪندڙ ملڪن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي غريبن جي استحصال سان پاڻ کي امير ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڪندر ۽ سامونڊي ??اڙيل جي وچ ۾ مقالمي جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ علامه اقبال جي ويجهو ننڍ?? وڏا ڦُورو هڪجهڙآ آهن، صدر اهو مقالمو به ٽوئيٽ ڪيو.