اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو چونڊ سڌارن ۽ پي ايم ڊي اي جو هڪ لفظ ناهي پڙهيو، اهڙا ماڻهو پاڪستان جي قيادت جا خواهشمند آهن جن جا فيصلا ڪير ٻيا ڪن ٿا. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو چونڊ سڌارن ۽ پي ايم ڊي اي جو هڪ لفظ ناهي پڙهيو، نه ئي انهن کي ڪا خبر آهي ته تجويزون آهن ڪهڙيون. هن چيو ته اسان وٽ مخالف ڌر جو هڪ ئي ڪردار آهي ته حڪومت جي مخالف شيطان سان به اتحاد ٿي وڃي ته ڪرڻو ??هي. اهڙا ماڻهو پاڪستان جي قيادت جا خواهشمند آهن جن جا پنهنجا فيصلا به ٻيا ماڻهو ڪن ٿا.