اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ف??صل جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ قوم کي آزا??ي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن م??حو??يات جي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر ف??صل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته م??حو??يات جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سينيٽر ف??صل جاويد وڌيڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مق??ر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان م??حو??يات جي حوالي سان يو اين جا هدف مق??ر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آهي ۽ پنهنجي تصوير حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.