اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لا??ِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آ??ي، اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آ??ي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آ??ي، بار ايسوسيئيشن جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت جي ان ۾ ڪا به مداخلت نه آ??ي، انصاف لا??يزر فورم جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لا??ِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون، اهڙن خي??لن جو اظهار هن انصاف لا??يرز فورم راولپنڊي اسلام آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلا??ات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار شهباز گل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل نياز الله نيازي به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ شفافيت لا??ِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آ??ي، راولپنڊي ملتان ۽ پنجاب بار ڪ??ئونسل پنهنجون چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آ??ي، ٻيون بار ايسوسئيشنُون به ٽيڪنالاجي جي استعمال مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آ??ي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي قرضن جي فراهمي لا??ِ اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ڪئي آ??ي، ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوان وڪيلن کي 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آ??ي، هن چيو ته وزيراعظم جي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به وڪيلن کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.