اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ??سان جو قيمتي اثاثو آهن، سفارتخانن جو پاڪستاني ??هرين سان نوآبادياتي دور وارو رويو قابل قبول نه آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري پاڪستان ڏيوالپڻي کان محفوظ رهيو، اسان پنهنجي شهرين کي لاوارث نه ٿا ڇڏي سگهون. وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مقرر پاڪستاني ??فيرن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته پرڏيهي پاڪستاني ??سان جي سڀ کان وڏي طاقت آهن.