اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ملڪ?? جمهوري ۽ چونڊ عمل هاڻي وڌيڪ ڪنهن اهڙي نظ??م کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي جتي نظ??م تي سوال اٿاريا وڃن، ماضي جي تجربي جي روشني ۾ چونڊ عمل ک?? هر ممڪن طريقي سان شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لا??ِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جمهوريت جي مفاد ۾ آهي، اليڪٽرانڪ مشين کي جديد سيڪيورٽي فيچر سان ليس ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ ترقي يافته ملڪن جي تجربي کي پڻ سامهون رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.