اسلام آ??اد – 21 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ق??سم خان سوري سينيئر صحافي حاجي نواز رضا ۽ طارق س??ير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ حاجي نواز رضا ۽ طارق س??ير سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ مرحومه جي لاڏاڻي کي ان جي گهرڀاتين جي لاءِ عظيم صدمو قرار ڏنو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر ج??يل عطا فرمائڻ جي دعا پڻ ڪئي.