اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چين جي نئين قمري سال ??ي آغاز جي موقعي تي چين جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان دوستي جي ??ضب??ط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان ۽ چين دوست آهن ۽ رهندا، اسان زراعت، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ چاهيون ٿا. هو هتي چين جي نئين قمري سال ??ي آغاز جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اوورسيز ڪميونٽي جي صدر نعمت الله جان ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت علي به خطاب ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ضب??ط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين پنهنجي قيام سان ئي پاڪستان سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ اهي لاڳاپا ??ضب??ط کان ??ضب??ط ٿيندا ويا، هن چيو ته اسا?? کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته چين جي عوام ۽ متحرڪ قيادت پنهنجي محنت جي زور تي ترقي حاصل ڪئي، پاڪستا?? کي جڏهن به مشڪل وقت پيش آيو چين سدائين ساٿ ڏنو