اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته انساني ترقي بابت قومي ڪميشن ملڪ ۾ عالمگير پ??ائمري تعليم جي فروغ لاءِ ڪم ڪري ۽ اسڪول کان ٻ??هر ٻارن جي لاءِ رسمي ۽ غير رسمي تعليم تي ڌيان ڏي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي انساني ترقي بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر امير الله مروت سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. انساني ترقي بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين صدر کي انساني ترقي ۽ پرائمري تعليم جي فروغ ۾ ڪميشن جي مستقبل جي منصوبن ۽ ڪردار تي بريفنگ ڏني.