اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر چيو آهي ته خصوصي ما??هو ۽ معاشري جي محروم ما??هن جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتون ۽ ادارا حقيقي معنيٰ ۾ خراج تحسين جا مستحق آهن. پارليامينٽ خصوصي ما??هن جي لاءِ قانونسازي ۾ جهول ختم ڪري روايتي ط??يقيڪار کان هٽي سوشل ويلفيئر جي لاءِ ڪم ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ما??هن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون جڏهن قومي اسيمبلي ۾ آيس ته مون سوچيو ته پارليامينٽ کي انهن ما??هن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي محرومين جو شڪار آهن، مون سڀ کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ راشد آباد جو دورو ڪيو، اتي خصوصي ما??هن جي لاءِ تعليم، صحت، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ڪنهن فائيو اسٽار هو??ل کان به وڌيڪ آهن.