اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر ع??دالحفيظ شيخ چيو آهي ته قومي معيشت ترقي جي راهه تي واپس اچي وئي آهي، گذريل چئن مهينن دوران ملڪي قرضن ۾ ڪو اضافو ناهي ??يو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ صنعت بابت توانائي رليف پئڪيج تي بريفنگ دوران هن چيو ته 30 جون کان پهرين نومبر تائين ملڪي قرضن ۾ ڪو اضافو نه ??يو. ڊاڪٽر ع??دالحفيظ شيخ چيو ته اها ڪ??ميابي ملڪ جي پنهنجي آمدني جي نتيجي ۾ ملي.