اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ل??ءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي د??يا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه جي موقع?? تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي ل??نت کان بچائڻ جي ل??ءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جوڙيو.