اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ترقي ج?? ڦيٿي کي تيز ڪرڻ آهي، مخالف ڌر نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کانسواءِ ئي تنقيد براءِ تنقيد تي عمل ڪري رهي آهي، اين آر او متعارف ۽ ??ائ??ه کڻندڙ به نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب آرڊيننس ۾ ديانتدار ۽ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، حڪومت عمرا?? خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي ج??ڙن ادارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ايف آءِ اي کي مرضي سان سوالناما ڏنا ويندا رهيا، هاڻي ج??ڪڏهن ڪو ايف آءِ اي ج?? سامهون پيش ٿيندو آهي ته اها ئي تبديلي آهي.