راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان بيلاروس جي ??زيراعظم رومن گولوو چينڪو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ بيلاروس جي خدمتن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي ??زيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ??ٿياربند فوج جي ??ُک ڪردار جي تعر??ف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي ساراهيو.