اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اکين جي نور کان محروم ڪندڙ بيماري ”ٽريڪوما“ جي خاتمي جي اعلان کي اهم س??گ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته وقت سر علاج ۽ مناسب اح??ياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، حڪومت، اين جي اوز، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او سميت سمورن ادارن جي ڪوششن سان اها ڪاميابي حاصل ٿي، اهڙي طرح جي گڏيل ڪوششن سان هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان کي ٽريڪوما فري ملڪ قرار ڏيڻ جي ??وا??ي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. واضح رهي ته ٽريڪوما هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا ڪليمائڊيا ٽريڪوميٽيس بيڪيٽريم جي انفيڪشن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن وقت سر علاج نه ڪ??و وڃي ته ان جي نتيجي ۾ مستقل اکين محروم ٿي سگهجي ٿو. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستان مان اکين جي نور کان محروم ڪندڙ بيماري ٽريڪوما جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪيو آهي، ڊبليو ايڇ او پاران ٽريڪوما فري ڪنٽري جو خط وزيراعظم جي ??وا??ي ڪ??و ويو. پاڪستان ان تاريخي سنگل ميل تائين پهچندڙ عالمي سطح تي 19 هون ملڪ بڻجي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ٽريڪوما جي خاتمي جو اعلان پاڪستان جي لاءِ خوش آئنده آهي، حڪومت، صحت واري وزارت، صوبائي حڪومتن، اين جي اوز، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او سميت سمورن ادارن گڏجي ڪوشش ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ٿي. هن چيو ته وقت سر علاج ۽ مناسب اح??ياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، اميد آهي ته اها بيماري ڪڏهن به ٻيهر ملڪ ۾ نه اڀرندي، اح??ياطي تدبيرن تي عمل جاري رکڻ گهرجي ۽ ان جي موثر نگراني جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته پوليو جو خاتمو اولين ضرورت آهي، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريصن جو وڏو انگ آهي، پنجاب ۾ ان جو موثر علاج ڪ??و ويو، پنجاب جي وزيراعليٰ جي قيادت ۾ ان ??وا??ي سان پروگرام جاري آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن ۾ به ان ??وا??ي سان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، وفاقي حڪومت ان ??وا??ي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي عزم ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي طرح پاڪستان کي ٻين شعبن ۾ ڪاميابي سان همڪنار ڪرائي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجز جي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، پنهنجي فني صلاحيتن ۽ مهارتن جي دستيابي يقيني بڻائڻي پوندي، ادارن، آفيسرن، ڊاڪٽر ۽ فيلڊ آفيسرن سميت سڀ گڏجي هڪ جان ٻه دليون ٿي ڪم ڪنداسين ته ٽريڪوما وانگر زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي. وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته اڄ صحت جي ??وا??ي سان يادگار ڏينهن آهي، دنيا ک?? مختلف وبائي مرض درپيش آهن، صحت جي عالمي اداري پاران ٽريڪوما فري پاڪستان جي لاءِ قدم وزيراعظم جي ويزن طرف وڏي ڪاميابي آهي، صحت جو عالمي ادارو سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي مرضن جي ??وا??ي سان قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان سميت 19 ملڪن کي ٽريڪوما فري بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ٽريڪوما ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم چيو ته ڊبليو ايڇ او جو پاڪستان مان ٽريڪوما جي خاتمي جو اعلان خوش آئنده آهي، ڌرين جي گڏيل حصيداري سان هزارين ماڻهن کي اکين جي نور کان محروم ٿيڻ کان بچا??و ويو، صحت جي عالمي اداري جي رهنمائي ۾ 24 سالن جي محنت کانپوءِ ٽريڪوما جي مرض تي ضابطو آندو ويو. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ۽ پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊاڪٽر لووداپنگ چيو ته پاڪستان ٽريڪوما مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اهم س??گ ميل حاصل ڪيو آهي، پاڪستان ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪي معاونت سان اها ڪاميابي حاصل ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جا صحت جي ??وا??ي سان قدم ساراهه جوڳا آهن، صحت جي عالمي اداري جي عالمي سطح تي ٽريڪوما تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڊبليو ايڇ او موجب ٽريڪوما فري جو س??گ ميل حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي عوامي صحت جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي سياسي وابستگي، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪي معاونت ۽ صحت جي پيشيواراڻي ماڻهن، مقامي ڪميونٽيز، سول سوسائٽي ۽ ٻين حصيدارن جي ڀرپور حصيداري جي نشاندهي ڪري ٿي، اها ڪاميابي قابل روڪٿام بيمارين ۽ انهن جي خاتمي جي خلاف عالمي جدوجهد ۾ هڪ اهم س??گ ميل آهي.